نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيرا??ظم محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيرا??ظم شهزاده محمد بن سلمان کي سعودي عرب جي 92 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سعودي عرب جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون. وزيرا??ظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان ?? تازي ٻوڏ جي صورتحال ۽ امداد ۽ بحالي جي جاري ڪوششن بابت پڻ آگاه?? ڪيو. وزيرا??ظم ”ڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر“ پاران ٻوڏ وارن علائقن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ امدادي سامان جي پهچ لاءِ ”فضائي پل“ جي قيام ۽ پاڪستاني ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عوام کان عطيي جي وصولي لاءِ سعودي عرب ۾ ”ساهم“ پورٽل شروع ڪرڻ تي خادم الحرمين الشريفين جا ٿورا مڃيا. سعودي ولي عهد پاڪستان ?? تيز چومالسي جي برساتن ۽ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري عوام جي قيمتي جانين جي زيان ?? روزگار جي ذريعن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل مدد ۽ حمايت کي ساراهيو ۽ ولي عهد کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع تر س??ڙپڪاري ۽ حصيداري سان عبارت مضبوط حصيداري سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاه?? ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی