اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي ??اڪ??تان جي معيشت جي لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته پروگرام جي بحالي سان ??اڪ??تان ۾ معاشي استحڪام ايندو، پروگرام جي بحالي جي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان ??اڪ??تان جي معاشي طور تي ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ختم ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته ??اڪ??تان مشڪل معاشي امتحان مان سرخرو ٿي نڪتو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام هڪ مرحلو آهي پر ??اڪ??تان جي منزل معاسي خودانحصاري آهي. هن چيو ته پروگرام جي بحالي سان ??اڪ??تان ۾ معاشي استحڪام ايندو، پروگرام جي بحالي جي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي ۽ اڳتي ??اڪ??تان کي ڪڏهن به ان جي ضرورت نه پوي. هن چيو ته الله تعالي?? جي رحمت مان پراميد آهيان ته مسلم ليگ (ن) جي ??ڳو??ي حڪومت وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چونداسين.
وزيراعظم پاران آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ مثبت اڳڀرائي قرار
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا