اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عو??م جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عو??م کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن سا??س ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عو??م ??ي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عو??م کي فوري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عو??مي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.
وزيراعظم پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری