اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃ??، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ هروڀرو آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اينڊ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي باري ۾ جائزه اجلاس ٿ??و، ان موقعي تي وزيراعظم عم??ان خان چيو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور ۽ ملڪ جي مستقبل جي لاءِ اهم آهي. منصوبن ۾ ماحول دوست مٽيريل جو استعمال ڪيو وڃ??، گرين اربنائزيشن ماڊل ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به استعمال ڪيو وڃ??. هن چيو ته ترقياتي منصوبا شهرين جي سهولت ۽ معاشي ترقي لاءِ شروع ڪيا آهن، حڪومت غير فعال اثاثن کي سيڙپڪاري جي قابل بڻائي رهي آهي، منصوبن ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ انهن کي سياسي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بناجواز آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ سوسائيٽين خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃ??، ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي پهرين مرحلي ۾ ??ئو ارب روپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي.
وزيراعظم پاران غير قانوني قبضن ۽ غير قانوني هائوسنگ اسڪيمن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ