اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ا??ند?? عام چونڊن کان اڳ م??ڪ ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آدمشاري ا??ند?? چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آدمشما??ي هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي جي ڊي پي جي ق??ض جو تناسب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سيڪڙو هو جڏهن ته مارچ 2021ع جي آخر ۾ 79.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.
آدمشاري ايندڙ چونڊن کان اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا