اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ??يل او سي جي چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بندي جي خلاف ورزي جي متاثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ ??وج کين حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هوندي به انهن جي گاڏي کي نقصان پهتو، اهو ??ملو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته گڏيل قومن جي گاڏي، مخصوص نشان ۽ نيلي رنگ جي جهنڊي جي ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ