لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزير ش??لي فراز ۽ حماد اظهر پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سياسي ۽ حڪ??متي معاملن ??مي?? ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان کي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور پنجاب آب پاڪ اٿارٽي، ڪورونا بحران دوران رليف قدمن ۽ پنجاب جي يونيورسٽين ۾ سڌارن ??مي?? ٻين قدمن بابت ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان چيو ته يونيورسٽين ۾ سڌارن جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان عوام کي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين کان بچائي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال