اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جعلي اڪائونٽس جي حوالي سان ج?? آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ، چيني مارڪيٽ ۾ داخلا جي لاءِ پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ، فرخ سبزواري کي ايس اي سي پي جو چيئرمين، عامر عظيم باجوه ۽ ڊاڪٽر خاور صديق کي پي ٽي اي ميمبر مقرر ڪرڻ، نيوز پرنٽ تي ريگيوليٽري ڊيوٽ?? 5 مان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ، اسٽيل ملز جون رهتون 2019ع تائين ادا ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ج?? سربراهي ۾ ٽيڪنالاجي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ج?? رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿي جنهن ۾ ايف آءِ اي ڪيترائي انڪشاف ڪيا، سڀني ڏٺو ته ڪيئن سنڌ حڪومت کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ وڏي رقم جعلي اڪائونٽ، لينڊ مافيا، ماڻهن کي يرغمال بڻائي وصول ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 172 ماڻهو جيڪي ان ج?? آءِ ٽي ۾ آهن سڀني جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويندا.
وفاقي ڪابينا جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل