اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ??ه قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي ??نهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گ??رائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ??پٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ??ه 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو ال??ڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 11 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃي ٿو ??ه قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃي ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل ميمبر اسيمبلي جو حلف، اسپيڪر، ??پٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي ??ن عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس