اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر سڄي ??لڪ ۾ وقت سر، پرامن ۽ ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جيئن ته چونڊون 2018ع ۾ فتح پاڪستان ج?? عوام جي ئي ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي فورن پوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اجلاس گهرايا ويندا، وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ کانپوءِ نگران حڪومتون عهدو ڇڏي ڏينديون. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چ??و ته پاڪستاني قوم نگران وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا پاران سڄي ??لڪ ۾ ڪامياب، صاف، شفاف ۽ وقت سر چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏي ٿي. هن چ??و ته اهڙي طرح سمورن چونڊيل نمائندن کي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هاڻي ??لڪ جو مستقبل ۽ ترقي انهن جي هٿ ۾ آهي.
سيد علي ظفر پاران پرامن چونڊون ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے