سيئول- 05 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڪيترن ئي بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آھي ته هنن ٻيٽ نما ڪوريا جي اوڀر ۾ ڪالھه صبح جو اٽڪل 7:30 وڳي ڪيترا ئي گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جي لانچ ڪرڻ جو پتو لڳايو آھي. ڪالھه صبح جو ميزائلن اٽڪل 400 ڪلو ميٽر (248 ميل) تائين اڏام ڀري. ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو ته اسان جا??ان ۽ آمريڪا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي آھي. فوج وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي فوج اضافي لانچز جي تياري جي سلسل?? ۾ ??نھنجي نگراني کي مضبوط ڪيو آھي. جا??ان پڻ اتر ڪوريا جي تازن ميزائلن جي تجربن جي تصديق ڪئي آهي. جا??ان جي حڪومت جي اعليٰ ترجمان چيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان بيليسٽڪ ميزائل بار بار فائر ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ جو امن ۽ سلامتي خطري جو شڪار آھي. واضح رھي ته اتر ڪوريا گذريل ھفتي جديد ۽ طاقتور مضبوط ٻارڻ وارو بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو.
اتر ڪوريا پاران گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ