واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 آڪٽوبر جي حملي ۾ مارجي ۽ زخمي ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽنبن آم??يڪ?? عدالت ۾ ايران ، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ موجب ڪيس ۾ دعوى ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان حملي ۾ فلسطيني هٿيار بند گروپ جي حمايت ڪئي هئي. رپورٽ موجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب ايران شام ۽ اتر ڪوريا اسرائيل تي حملي لاءِ ??الي م??د ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 متاثرن ۽ انهن جي ڪٽنب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنجي م??اثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي م??اوضي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ متاثر خاندانن کي ڪانگريس پاران دهشتگردي جي م??اثرن لاءِ ??ائم آم??يڪ?? فنڊ مان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪيسن تي ادائيگين لاءِ رقم ضبط ڪيل اثاثن ۽ انهن ڪمپنين جي ڏنڊ مان ادا ڪئي ويندي آهي جيڪي انهن رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada