اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نئون سال ترقي ?? خوشحالي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جو سال هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پوندو. صدر نئين سال جي شروعات تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ?? خوشحالي جي دعا ڪندي چيو ته نئون سال پاڪستاني قوم جي لاءِ امن، استحڪام، ترقي ?? خوشحالي کڻي اچي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پاڪست??ن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر زور ڏنو ته اچو نئين سال جي شروعات تي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام جي لاءِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، ال??ه تعاليٰ آڏو دعا آهي ته نئون سال ملڪ جي لاءِ ڪاميابين جو سال هجي.
صدر آصف علي زرداري پاران نئون سال شروع ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria