اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي خ??اف ڪامياب آپريشن ت?? سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن کي ساراهيندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 15 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ ت?? سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم آپريشن دوران دهشتگردن سان وڙهندي شهاد?? ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مل?? مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خ??اف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏين??ن رات مصروف عمل آهن، مون سميت پوري قوم ک?? سيڪيورٽي فورسز جي فرض شناس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران زوب ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : números quina hoje