اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن ج?? موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي ۽ اهو انسانيت جي بنيادي ا??ولن ج?? ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هڪ مهذب ۽ بهتر معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورتن کي برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. اسپيڪر عورتن ج?? سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضر??رت تي زور ڀريو. هن چيو ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. سردار اياز صادق سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو عورتن ج?? حقن ج?? حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان ج?? آئين عورتن ج?? حقن ج?? ضمانت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽ عورتن ج?? تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آهن. پارليامينٽ ۾ قائم وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن ج?? تحفظ ۽ انهن ج?? ڀلائي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪر عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ جي ضر??رت تي زور ڀريو جتي عورتون عزت، تحفظ ۽ برابري سان زندگي گذاري سگهن. قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر سردار اياز صادق عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي ۽ کين سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي ??ار?? رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي: اسپيڪر سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ