اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پوليو اوور سائيٽ بورڊ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جو نمائندو ڪرسٽوفر ايلياس، صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف روزا جو ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجيسيڪارا، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرويوينشن جي ڊپٽي ڊائريٽر اينڊريا فرسٽڊٽ، روٽري فائونڊيشن جو ٽرسٽي ۽ نيشنل چيئر عزيز ميمڻ، ڪنگ سلمان هيومنٽرين اينڊ ريليف سينٽر جو ڊاڪٽر زياد ميمش ۽ ڪي ايس ريليف جو هيلٿ ۽ انوائرمنٽل ايڊوائيزر ڊاڪٽر عبدالله صالح شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ۽ پوليو جي خ??تمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي وفد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڪنگ سلمان فائونڊيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري فائونڊيسن، يونيسيف ۽ سي ڊي سي جا ٿورا مڃيا جيڪي پوليو جي خ??تمي واري مهم ۾ پاڪستان حڪومت سان شريڪ آهن، انهن سمورين تنظيمن جو ڪردار پوليو جي خ??تمي واري مهم ۾ عالمي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو. وزيراعطم چيو ته جيستائين پوليو کي سد??ئين جي لاءِ شڪست نه ڏينداسين سک سان نه ويهنداسين، پوليو جي خ??تمي جي حوالي سان سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ وفاق ۽ سمورا صوبا گڏجي پوليو جي خ??تمي جي خلاف قدم کڻي رهيا آهن. وزيراعظم پوليو جي خ??تمي جي حوالي سان سمورن وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفد پوليو جي خ??تمي جي حوالي سان وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي نمائندي ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس چيو ته پاڪستان جي پوليو جي خ??تمي جي موجوده حڪمت عملي تي بهتر طريقي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي جنهن جا نتيجا ميڪرو سطح تي نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جلد ئي پوليو ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر حنان بلخي چيو ته صحت جي حوالي سان خطي جي ملڪن کي رابطا بهتر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات م پوليو جي خ??تمي جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو ئي ٿيندڙ پوليو جي خ??تمي واري مهم دوران قومي صحت واري وزارت ۽ پوليو جي خ??تمي واري پروگرام سان لاڳاپيل آفيسرن پوليو کان متاثر ڏورانهن علائقن جو دورو ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي تازو پوليو جي خ??تمي واري مهم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وئي آهي، جن ٻارن ۾ پوليو جي سُڃاڻپ ٿي آهي انهن جي سارسنڀال ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي جن علائقن ۾ ٻارن ۾ پوليو ويڪسينيشن جي شرح بهتر آهي اتي پوليو جو ڦهلاءُ گهٽ آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خ??تمي واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
اسان کي گڏجي پوليو جهڙي چئلينج کي شڪست ڏيڻي آهي، جلد پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا