اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پا??ستان ۽ اسپين انجنيئرنگ، هاءِ ويز، اوور هيڊز سميت ٻين شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، پا??ستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن ۽ وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي. وفاقي وزير اسپين جي سينيٽ ميمبرن جي وفد ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسپين جي سينيٽ افيئرز ڪميٽي جي ميمبرن وفاقي وزير عبدالعليم خان سان گڏيل دلچسپي ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. وفد ۾ اسپين جي سينيٽرن ويڪنٽ ايزپيٽيراٽ، نطاليه اسيرو، انٽونونيوگتريز ۽ لوئيس ڊي لاپينا شامل هئا. وفاقي وزير ملاقات ۾ اسپين ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ، ورڪنگ ۽ اداري جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. عبدالعليم خان چيو ته پا??ستان ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن جڏهن ته هتي منافع جي شرح به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مسئلن باوجود پا??ستان مختلف شين جي وڏي مارڪيٽ ۽ بزنس جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. وفاقي وزير سيڙپڪاري وفد کي ٻُڌايو ته اڄ به پا??ستان کي ڪيترن ئي شين ۾ انفراديت حاصل آهي ۽ قومي روانگي واپار ۾ واڌ جا وسيع امڪان موجود آهن. هسپانوي سينيٽرن وفاقي وزير سان ايندڙ مهيني ايڪسپو ايونٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. وفاقي وزير اسپين جي ڪمپنين کي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان ۽ اسپين وچ ۾ بي ٽو بي تحت وڏي پيماني تي ٻه طرفي سرگرمين جي شروعات ٿيڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته اسان کي گڏيل واپار ۽ سهڪار جا دروازا کولڻا آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پا??- اسپين ڀائيواري ڪري سگهجي ٿي. ملاقات دوران پا??ستان ۾ اسپين جي سفير پا??ستان ۾ پنهنجي قيام جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان کي پنهنجي تاثرن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پا??ستاني چانور، ڪپهه، انبن ۽ ٻين پيداواري شين جو به ذڪر ڪيو.
پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن، وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ