اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، وزيراعظم/ پرڏيهي معاملن وار?? و??ير محمد بن عبدالرحمان بن ??اس?? الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور ت?? و??پار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد وزيراعظم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. وزيراعظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائي??“ ??و افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعمير?? و??ثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري رابطن کي اجاگر ڪندي.
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس