اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن، ٻنهي ملڪن جي دوستي نه صرف حڪومت?? سطح جي آهي پر عوام?? سطح تي پڻ آهن، چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تان جو غير مشروط ساٿ ڏنو، 75 سالن ۾ جيڪي ڪاميابيون ماڻيون آهن اهي ڌرتيءَ تي مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه چائينا ميڊيا گروپ طرفان چين جي قومي ڏهاڙي جي مناسبت سان ??اڪ??تان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ شاندار ثقافتي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ??اڪ??تان ۽ چين جا لاڳاپا دنيا ۾ ٻن ملڪن وچ ۾ اهي مثالي لاڳاپا آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي، اها دوستي نه صرف حڪومت?? سطح جي آهي پر عوام?? سطح جي پڻ آهي. هن چيو ته چين هميشه ۽ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تان جو غير مشروط ساٿ ڏنو. سندس چوڻ هو ته چين چئن ڏهاڪن ۾ 80 ڪروڙ عوام کي غربت مان نجات ڏياري هڪ منفرد مثال قائم ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان چين وانگر پنهنجين پاليسين ۾ تسلسل پيدا ڪري ۽ سڌارا متعارف ڪرائي تر??يء?? جي سفر تي گامزن ٿي ??گه?? ٿو. قومي ثقافت ۽ ورثي بابت اڳوڻي وفاقي وزير سيد جمال شاهه چيو ته چين پنهنجي نوجوانن تي خاص ڌيان ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بيحد ڪامياب آهن. اڳوڻي سف??ر حسن جاويد چيني عوام کي سندن ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ترقي جو مثال نٿو ملي جيڪو چين 40 سالن ۾ حاصل ڪيو. تقريب دوران توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس لغاري، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه وڊيو پيغام ۾ چيني عوام کي سندن قومي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب دوران سي جي ٽي اين اردو طرفان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي جنهن ۾ چين جي سماجي ۽ اقتصادي تر??يء?? کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ ??اڪ??تان جي چئني صوبن جا ثقافتي رقص ڪيا ويا، جڏهن ته وڻندڙ چيني ثقافتي رقص جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو. تقريب جي پڄاڻي گلوڪاره ڊاڪٽر مبشره حفيظ طرفان پيش ڪيل موسي??يء?? تي ٿيو، جنهن سان شرڪت ڪندڙ لطف اندوز ٿيا.
پاڪ چين لاڳاپا دنيا ۾ بي مثال آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ریل رش