لنڊن -08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن پاڪستاني ڄائي برطان??ي پارليامينٽ ميمبر سان پاڪستان هائوس لنڊن ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي معاشي بحالي جي روڊ ميپ بابت بريفنگ ڏني ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڀارتي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن لاءِ سندس حمايت کي ساراهيو. واضح رهي ته برطانيه جي تازي چو??ڊ ۾ 15 پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽ جا ميمبر چو??ڊيا ويا آهن. ڊپٽي ??سپ??ڪر هائوس آف ڪامنز نصرت غني سميت ڪيترائي برطان??ي پارليامينٽ ميمبر ان موقعي تي دعوت ۾ شريڪ ٿيا. دعوت پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستان هائوس ۾ ڏني وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستاني ڄائي برطان??ي پارليامينٽ ميمبرن کي چو??ڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي لاڳاپن جي تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني ڄائي برطان??ي پارليامينٽ ميمبرن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي. جيڪ?? برطانوي جمهوريت جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي ترقي جي سفر ۾ ڪنهن رڪاوٽ کي برداشت نه ڪنداسين. نائب وزيراعظم، برطان??ي پارليامينٽ جي ميمبر سان پاڪستان ۾ برطانوي سيڙپڪاري وڌائڻ جي تجويزن تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته برطان??ي پارليامينٽ جي ميمبرن والاريل ڪشمير ۽ غزه جي مظلوم عوام تي مظلمن خلاف آواز اٿاريو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج