اسلام آباد – 23 – ??ولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??يو آهي ته تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو، ان شرپسند انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پي ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي رياست کي نقصان ??هچائڻ جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. هن سدائين لاشن تي سياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان ??ڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران عمران ??يازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا جيڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن ??يو ته زمان ??ارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جتي پيٽرول بم تيار ڪيا ويندا ۽ سياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير ??يو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان ??ٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهيو. عطاءُ الله تارڙ ??يو ته ان شرپسند، انتشاري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.
تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪاري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔