اسلام آب??د – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ مالي خدمتن ۽ قر??ن تائين په?? بهتر بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري عورتن جي ??وصلا افزائي ۽ ب??نڪ??گ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ??رورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيوٽو بل ونٽرز جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري سان خاندانن جي ??وشحالي ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ماحوليات جي ??حفظ ۽ ٻيلن جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت مينگروز ٻيلا هنيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته موسمياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ماحوليات جي ??حفظ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن خاص طور تي ننڍي ڊيمن، بيراجن ۽ پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو ۽ چيو ته بئنڪ آب??دگارن جي ??رعي ضرورتن تائين په?? وڌائڻ جي لاءِ مالياتي خدمتون، قر?? فراهم ڪري. وفد صدر کي پاڪستان جي معيشت، ب??نڪ??گ انڊسٽري جي ??رقي ۽ ارتقائي، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ب??نڪ?? جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بئنڪ کي ننڍي کنڊ ۾ ڪامياب آپريشنز جا 160 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته بئنڪ ملڪ جي ????نڪ??گ سيڪٽر جي ??رتقاءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته بئنڪ ملڪ ۾ پنهنجي ??پريشنز کي سگهه ڏيندي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.
ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش