اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) نائب وزير??عظ?? محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو وٺندي طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي، خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ??نو ويو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وف??قي وزير، وزير??عظ?? صحت بابت ڪوآرڊينيٽر، صحت واري سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ چيئرمين هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، ناليواري سرڪاري ۽ نجي طبي ادارن جي سربراهن ۽ ناليوارن ماهرن شرڪت ڪئي. طبي تعليم بابت ڪميٽي وزير??عظ?? 20 ميئ 2024ع تي جوڙي هئي. وزير??عظ?? شهباز شريف نائب وزير??عظ?? اسحاق ڊار کي ان جي ڪنوينر طور چونڊيو. ميمبرن ۾ طبي برادري، تعليم جي شعبي ۽ سرڪاري عملدارن جون اهم ڌريون شامل آهن. ڪميٽي جو مقصد سڄي ملڪ ۾ طبي تعليم ۾ سڌارا آڻڻ آهي، اهو قدم ايندڙ نسلن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ صحت جي سارسنڀال ڪندڙ پيشيوار ماڻهن جي طبي تربيت جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. نائب وزير??عظ?? ملڪ ۾ طبي تعليم جي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اهم ذميواري تي زور ڏنو. هن طبي شاگردن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي شعبي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزير??عظ?? سمورن صوبن ۾ طبي تعليم جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ طبي تعليم جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي اعليٰ معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طبي ادارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن مڪينزم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ ڪميٽي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو ورتو جڏهن ته طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪميٽي خصوصي طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل جي شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ??نو. ڪميٽي طبي شاگردن کي انهن جي تعليمي ۽ پيشيواراڻي ڪوششن ۾ مدد ۽ بااختيار بڻائڻ جي حڪمت عملين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پڻ پيش ڪندي. تفصيلي بحث کانپوءِ هڪ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ صحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد کي ڪنوينر ۽ طارق باجوه کي ڪو – ڪنوينر بڻايو ويو. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي موجوده ٽي او آرز سان ??ڏوگڏ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي، پاڪستان ۾ غيرملڪي شاگردن جي لاءِ طريقيڪار کي هموار ڪرڻ ۽ نصاب ۾ هڪ جهڙي سميت اضافي ڪمن تي غور ڪندي. ڪميٽي جي رپورٽ پاڪستان ۾ ميڊيڪل گ??يجوئيٽس جي موجوده صحت جي سارسنڀال جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مهارت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. رپورٽ ان ??الهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ته ميڊيڪل گ??يجوئيٽس اسان جي شهرين کي اعليٰ سطح جي سارسنڀال فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل علم ۽ مهارت سان ليس آهن.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪميٽي جو پهريون اجلاس
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná