اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطين جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ عالمي منظرنامي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پيڊرو سانچيز ۽ اسپين جي ماڻه?? معصوم فلسطينين تي اسرائيل پاران جاري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غ??صباڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي هڪ آزاد فلسطين ۽ بيت المقدس کي بطور ان جي گادي وارو شهر ??ائ?? ٿيڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جار?? رکندو.
وزيراعظم پاران اسپين جي وزيراعظم جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج