بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان سڄي ??لڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي سي اي او وانگ هائي هوائي ۽ چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين سان ڳالهائيندي ڪيو، جن بيجنگ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??ري?? ٿيندڙن سي پيڪ تحت سي سي سي سي ۽ سي آر بي سي تحت پاڪستان ۾ جاري م??صو??ن بابت آگاهه ڪيو. ??ري?? ٿيندڙن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ م??صو??ن تي پذيرائي ڪئي ۽ انهن جي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڄي ??لڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ٽرانزيشنل اڪانومي بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ سياحت جي ترقي لاءِ ريلوي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر انتهائي ضروري آهي. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي.
پاڪستان سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil