اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ?? ق??مي فرض آهي، ان موذي مرض کان اسان کي پ??هنجي ايندڙ ن??ل کي بچائڻ آهي، ملڪ کي پ??ليو کان پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پوليو جي خاتمي جي جنگ کٽينداسين، پوليو ورڪرز اسان جا اصل هيروز آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن ٻارن کي پ??ليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري قومي پ??ليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پ??ليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريا ويندا. ان ق??مي مهم ۾ ساڍا 3 لک پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي اسان جا اصل هيروز آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪرز آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيهي پ??ليو جي خاتمي لاءِ جنگ پنهنجي عالمي حصيدارن سان وڙهي رهي آهي ۽ ان موذي مرض کان اسان جي ايندڙ ن??ل کي بچائڻو آهي، اهو اسان سڀني جو ديني، اخلاقي ?? ق??مي فرض آهي. نگران وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ ن??ل کي ان مرض کان بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي ر??ول جي خوشنودي ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم کي اسان کي اهڙو مشن سمجهي پ??رو ڪرڻو آهي جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئي جنهن ۾ پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ٿئي ۽ انهي عزم سان پوليو جي خاتمي واري جنگ اسان ضرور کٽينداسين.
پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد