لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هر شخص کي ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ??صي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بيوروڪريسي کي اسلام جي ??نيادي اصولن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ قوم جي ??دمت ڪرڻي پوندي، ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ بدران پاڻڀرائپ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ملڪي ترقي ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ڪردار مثالي هجڻ گهرجي، بهتر نظم ۽ ضبط ۽ بدعنواني جي ??اتمي سان ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا. هن چيو ته علم سان گڏوگڏ جذبن جي ??ربيت پڻ تمام ضروري آهي. آفيسرن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته انساني زندگي جي ??ندر ڪجهه فارميٽو سال هوندا آهن جن مان توهان گذري چڪا آهيو، جڏهن توهان جي ??ربيت ڪئي وڃي ٿي ته ان ۾ مئنيجمينٽ جي ٽيڪنالاجي ??ي حوالي سان توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو، م??ڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي نئين مئنيجمينٽ ٽيڪنيڪس بابت ٻڌايو وڃي ٿو. هن چيو ته هر ايندڙ حڪومت جو دارومدار سينيئر سرڪاري آفيسرن تي هوندو آ??ي، ملڪي نظم ۽ ضبط کي هلائڻ جي لاءِ توهان جو ڪردار لازم ۽ ملزوم آ??ي، پاڪستان ۾ سٺي ۽ بري ٻنهي قسم جي ماڻهن جو دارومدار به توهان تي آهي. هن چيو ته توهان کي حڪومت کي صحيح رستي تي هلائڻ ۽ ملڪ مان ڪرپشن جي ??اتمي لاءِ پنهنجي ??لاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي، علم جي معاملي ۾ توهان ۾ انڪساري هجڻ گهرجي، انڪساري جو مطلب اهو نه آهي ته مون کي علم نه آهي پر عاجزي اها آهي ته مون کي سکڻو آهي. هن چيو ته سول سروسز جي ??اريخ ۾ ڪيترائي اهڙا آفيسر گذريا آهن جن گڊ گورننس ۽ ڪرپشن جي ??اتمي لاءِ جدوجهد ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلام ۾ انساني خيرخواهي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آ??ي، ان لاءِ مسلمانن تي مستحقين ۾ خيرات ۽ صدقو ڏيڻ فرض ڪيو ويو آ??ي، هر مذهب ۾ انساني خيرخواهي ئي جو پيغام ملي ٿو، حضور ﷺجي ??ڄي محنت انسانن جي لاءِ هئي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي ??اهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته حضور ﷺ جي ??نت تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قرآن مجيد جي پهرين سورت ۾ ئي رياست جي ??ميوارين جو تعين ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جو جيڪو بنياد?? مقصد آهي اهو قرآن جي ??ندر موجود آ??ي، پاڪستان جي ??وح جو بنياد عوام جي ??دمت ڪرڻ ۾ لڪل آهي. هن چيو ته خدمت جو ڪم آسان نه آهي ان جي لاءِ جذبي جي ??رورت آ??ي، توهان کي هر ڪيس مان سکڻو آهي ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي جو ڪيس ٻڌڻو پوندو ڇو ته توهان وٽ طاقت آهي ۽ ان جو صحيح استعمال ضروري آهي جنهن جو زندهه مثال اهو آهي ته مون پنهنجي 5 سالن ۾ ڪڏهن هڪ به سفارش نه ڪئي ته جيئن سسٽم خراب نه ٿئي. هن چيو ته ڪميونيڪشن هڪ بهترين هنر آهي جنهن کي توهان ماڻهن وٽ هجڻ گهرجي. تقريب جي ??خر ۾ صدر 33 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ 118 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي ??رڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. ان کان اڳ ڊائريڪٽر نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ڊاڪٽر اعجاز منير ڪورس ج?? مقصدن تي روشني وڌي.
هر شخص کي ملڪي ترقي جي لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ