اسلام آ??اد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، ??اندين جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، ??ڪومت اسلام آ??اد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ ول??ج قومي منصوبو آهي، ??ولمپڪ ول??ج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آ??اد ۾ اولمپڪس ول??ج جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، ??نيف عباسي، ??نجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آ??اد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اولمپڪس ول??ج تعمير ڪيو ويندو. اولمپڪس ول??ج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، ??اليم ڪرڪيٽ اسٽ??ڊي??، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽ??ڊي??، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اولمپڪس ول??ج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم اولمپڪس ول??ج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado