اسلام آباد -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس طرف??ن جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ انادولو گروپ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ڪ??ڪا ڪولا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪريم ياحي ??ري رهيو هو، وفد ۾ چيف اسٽريٽجي آفيسر ايتلايرليڪايا ۽ ٻيا ۽ اعليٰ اڳواڻ به شامل هئا. وزيراعظم انادولو گروپ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سبب ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراعظم انادولو گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌ??ڪ وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪست??ن جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا