اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ ا??ي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ ا??ي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ انساني سرمائي جي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع تائين هڪ ??عل??ٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪندو. پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو موجب جيڪڏهن پاڪستان انساني سرمائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گا????ن رهي ٿو ته 2047ع تائين ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي طور تي رڳو 18 سيڪڙو تائين وڌندي.
انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina