اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي گڏيل قو??ن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب ??رامن طريقن سان عالم?? تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي پريپريٽري آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ??رڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سمورين ڌرين کي آفيس کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. هن گڏيل قو??ن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب ??رامن طريقن سان عالم?? تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي عالمي برادري جو گڏيل مقصد آهي، ان جي باوجود حل نه ٿيندڙ ڪشمير مسئ??ي جهڙا عالم?? تڪرار ترقي جي عمل کي متاثر ڪن ٿا ۽ غربت جو سبب بڻجندا رهن ٿا. هن چيو ته سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪ ۽ پائيدار ترقي جي حصيدار طور چين جو عوام جي ض??ورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن عالم?? تڪرارن جي فوري ۽ گهٽ لاڳت حل جي راهه هموار ڪندي.
حنا رباني کر پاران انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس