سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي باور ڪرائڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي ان جو حقِ خوداراديت ڏيڻ کان ??اڳيتو انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪاري ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان ??الاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڀارت مخالف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي برداريءَ کي اهو پيغ??م ڏئي سگهجي ته ڀارت جنهن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق ختم ڪيا آهن ۽ ان کي والاريل علائقي ۾ پنهنجو يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق حاصل نه آهي. صداءِ مظلومين، ڄمون ڪشمير ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، تحريڪ آزادي ڄمون ۽ ڪشمير، ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن الائنس، ڄمون ۽ ڪشمير پوليٽيڪل ريزسٽنس موومينٽ ۽ يوٿ فريڊم فائٽرز پنهنجي بيانن، پيغامن ۽ پوسٽرن ذريعي سرينگر ۽ وادي ڪشمير جي ٻين علائقن جي عوام کان ڀارتي يوم جمهوريه جي سرڪاري تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ پنهنجي ??هر??، دڪانن ۽ ٻين عمارتن تي ڪارا جهنڊا ڦڙڪائڻ جي اپيل ڪئي آهي. ان حوالي سان ??الاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي کان ??سلسل پوسٽر لڳايا پيا وڃن.
ڪشميري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب