اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري ملڪتي وزير حنا رباني کر 16 کان 20 جنوري تائين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 53 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفت??وا?? پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلا??ن ۾ باقاعده شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان فورم ۾ عالمي اقتصادي اه??يت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن ۽ ٻين نال??وا??ين شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندا.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2