اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تن??يم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ??مرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظ?? چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شنگهائي تعاون تن??يم ڪائونسل آف هيڊز آف اس??يٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تن??يم جي سربراهن کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم جو مارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضري پڻ ڀريندو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن