اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو اين اي پي) پاران ماحولياتي نظام جي بحالي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي اعتراف تي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابي لاءِ پ??هن??ي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم يو اين اي پي جي ڄاڻايل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته کيس پ??هن??ي ٽيم تي فخر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان تاريخ جي ان موڙ تي آهيون جتي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ان اهم ڪوشش جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اسٽاڪ هوم پلس 50 جي ويب سائيٽ تي شايع ڪند?? هڪ مضمون به شيئر ڪيو جنهن ۾ ماحوليات جي بهتري لاءِ پاڪستان جي تعاون جو ذڪر ڪيو ويو. ايو اين اي پي جي ايشيا ۽ پيسفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر Dechen Tsering چيو ته قدرتي ماحول جي وڏي پئماني تي بحالي جي قدمن سميت 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي کي سپورٽ ڪرڻ ?? ماحولياتي نظام جي بحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مرڪزي حيثيت ??کي ٿو. پاڪستان لاءِ يو اين اي پي جي جامع رپورٽ ”ملڪ جي قدرتي، انساني ۽ پيدا ڪيل سرمائي بابت پ??هن??ي نوعيت جي په??ئين جائزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت جا قدرتي ماحول جي بحالي جهڙا قدم نمايان آهن، مضمون ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گڏيل قومن جي ماحولياتي نظام جي بحالي جي ڏهاڪي 2021- 2030ع ۾ تقريبن هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پاڪستان پ??هن??ي 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائي اهو ڏيکاري رهيو آهي ته ان ڏس ۾ ڇا ممڪن آهي. ان پروجيڪٽ تحت 2019ع کان ڊسمبر 2021ع جي وچ ۾ تقريبن 10،000 هنڌن تي 1.36 ملين ايڪڙ زمين تي 1.42 ملين وڻ پوکيا ويا آهن، پاڪستان جنهن 2021ع ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪئي خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو شڪار آهي،اهو پراجيڪٽ شروع ٿيڻ کان په??ين ۽ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ملڪ جو صرف پنج سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، پاڪستان جي حڪومت 2023ع تائين پ??هن??ي محفوظ علائقن کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي جيڪو 2018ع ۾ 12 سيڪڙو هئو، 2021ع جي وچ ڌاري اهو 13.9 سيڪڙو ٿي ويا، 10 بلين ٽري سونامي نه رڳو بگڙجندڙ ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ قدتي سرمائي کي بهتر بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي پر اهو مقامي آبادين جي ڪمائي جي ذريعي کي به سهارو ڏئي رهيو آهي.
وزيراعظم پاران 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں