اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آسٽريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آسٽريا کي يورپي يونين جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ??ڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻطرفي ??اپ??ر ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن، آسٽريا جي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز، آسٽريا جي سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي ??يش نظر سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سال جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ??ه ساله جائزي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ مضبوط ??ابطا موجود آهن.
پرڏيهي وزير سان آسٽريا جي هم منصب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina