اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمورا ادارا شان??ار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي، جنهن ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا اهم پرڏيهي وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا??ين ۽ انهن لمحن کي ياد??ار بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ”لوگو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال سمورا ادارا شان??ار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي ۽ 14 آگسٽ تي به اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ جي پريڊ خصوصي پريڊ هوندي جنهن ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ اهم نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. چوڌري فواد ح??ين چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي تاريخ جي سمورين شان??ار ڪهاڻين کي سامهون آڻيون. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جو 75 هون سال آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جو چارٽ جوڙيو وڃي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سمورن شعبن ۽ سمورين وزارتن ۽ کاتن پنهنجو ڪر??ار ادا ڪيو ۽ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن جن جي شروعات 23 مارچ کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ٻين چئنلز ۽ سڀئي ادارن پنهنجا زبردست پروگرام ترتيب ڏنا آهن ?? هن سال اسان 23 مارچ ک?? ان انداز ۾ ملهائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي جيڪا شان??ار ڪهاڻي آه?? ان کي ياد??ار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀلي اها اسان جي شاعري جي ڪهاڻي آهي، فوج جي جرئت ۽ دليري جي ڪهاڻي آهي، چاهي اسان جي پوليس جا نمايان ڪارناما هجن ۽ اسان جي قوم جي ٻين روشن ستارن جي ڪهاڻي هجي، اسان انهن سڀني ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا??ين ته جيئن اسان اهو ڏيکاري سگهون ته 75 سالن ۾ پاڪستان ڪٿي هو ۽ ڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته اهو سفر شان??ار هوندو، پاڪستان جي اها تقريب مستقبل جو پيش خيمو هوندي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين.
ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمورا ادارا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار