اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن، اعليٰ تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي ادارن کي انساني وسيلا هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ?? تعليمي ۽ باهنر انساني وسيلن جون ضرورتون پورو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي ڪاليجز جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ي??ني??رسٽي آف ماڊرن لينگويج نمل اسلام آباد جي باري ۾ بريفنگ دوران چئي، هن چ??و ته پاڪستان کي هنرمند افرادي قوت جي گهٽتائي درپيش آهي، دنيا آن لائين تعليم طرف وڌي چڪي آهي، تعليمي لاڳت گهٽ ڪرڻ لاءِ آن لائين تعليمي ماپو ۽ ورچوئل ڪلاسز جو تعداد وڌائڻي پوندي، صدر چ??و ته ي??ني??رسٽي انتظاميه ختم ٿيندڙ ٻولين جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ قدم کڻي، نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ ي??ني??رسٽي جي ڪردار جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو و??و ته شاگردن ۾ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ تدريس جو تصوراتي نقطه ن??ر متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن ٻڌا??و ته هن وقت 22 هزار شاگرد ي??ني??رسٽي جي مختلف شعبن ۾ تعليم هيٺ آهن، نمل ڊائريڪٽر آءِ ٽي جي بنيادي ڍانچي جي ترقي آءِ ٽي کي لينگويج سکڻ ۽ ترجمي ۾ مربوط ٺاهڻ سميت اعليٰ معيار جي تحقيق جي فروغ لاءِ قدمن تي روشني وڌي.
تعليمي ادارا آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ آءِ ٽي انفرااسٽرڪچر تي سيڙپڪاري ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس