اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ ??ضا??يه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ ??هاز جي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ڪري سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام ج??ري رکي. واضح رهي ته ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پاڪستاني ??ضا??يه جو ايف 16 جهاز م??ري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڀارتي دعويٰ جي ترديد ڪري چڪو آهي ۽ آمريڪي اخبار فارن پاليسي ??نهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آمريڪا جي دفاع و??ري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آمريڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀارتي دعويٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.
شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار