اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت ل??عا??مين اٿارٽي بابت سمورن قدن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رحمت ل??عا??مين اٿارٽي ج?? مقصد معاشري ج?? اخلاقي براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سيرت طيبه جي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت ل??عا??مين اٿارٽي تي اڳڀرائي ج?? جائزه اجلاس جي ص??ار?? ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عالم سڳورن سان مشاورت جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿارٽي ج?? تجويز ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. اجلاس ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪر??ار?? اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۾ سيرت جي شعور جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ??ئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري مواد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي سيرت طيبه کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري مواد ۾ سيرت جي اخلاقي رخن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين جي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿارٽي بابت سمورن قدمن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ??ئي جڏهن ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
رحمت للعالمين اٿارٽي جو مقصد معاشري جي اخلاقي براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری