اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته رحمت اللعالمين اٿارٽي جي ذريعي پوري دنيا کي نبي ﷺ جي سيرت مُبارڪ بابت آگاهي ڏني ويندي، 12 ربيع الاول جي تقريب پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تقر??ب هوندو. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ رحمت اللعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي ۽ 12 ربيع الاول جي تيارين تي جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عيدميلاد النبي ﷺ جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ وزيراعظم کي رحمت اللعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ??يو ته رحمت اللعالمين ﷺ اسڪالرشپ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ضرورت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڏنو ويندو، اسڪالرشپ ح??ور ﷺ جي حيات ۽ سيرت تي تحقيق ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ مختص ڪيو ??يو آهي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي آل پاڪستان نعت مقابلن جو انعقاد ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته مقابلن ۾ پوري پاڪستان مان نعت خوانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اٿارٽي جي ذريعي حضور پاڪ ﷺ جي سيرت جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪرد??رس??زي تي ڌيان ڏنو ويندو، اٿارٽي جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو، اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پير نور الحق قادري، شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ارسلان خا??د ۽ سينيٽر فيصل جاويد شرڪت ڪئي.
رحمت اللعالمين اٿارٽي وسيلي پوري دنيا کي نبي ﷺ جي سيرت مُبارڪ بابت آگاهي ڏني ويندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ