اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ ب??بت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي ??زي?? شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب، ??زي??اعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ ب??نڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ??يفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين ??اڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم کي لاهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين ??ڪمل ٿي ويندو. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن زمين تي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. ??زي??اعظم کي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت تحت م??تلف هائوسنگ منصوبن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون. ??زي??اعظم عمران خان ڳالهه کي ورجايو ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين جي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻائيندي.
ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena