اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي ج?? حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کي يونيورسٽي انتظاميه جي بدانتظامي جي ڪري ايم ايڊ جي ڊگري جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آ??يه سعيد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ يونيورسٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ بدران شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آ??يه سعيد يونيورسٽي جي ايم ايڊ پروگرام ۾ داخ?? هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تنهن ه??ندي به هو ورڪ??اپ ۾ شامل نه ٿي سگهي، کيس ان کانپوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪ??اپ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تنهن ه??ندي به آخر ڪار کيس ڊگري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
صدر پاران اوپن يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج