نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران والاريل ڪشمير ۾ قت??ام جو خدشو ظاهر ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته خطي ۾ ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کان اڳ دنيا کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ج?? ذميوار عالمي برادري هوندي، هي وقت آهي ته سلامتي ڪائونسل ڪشمير جي سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن ج?? 11 قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ڪو به شعور وارو شخص ائٽمي جنگ بابت سوچي به نه ٿو سگهي، ٻنهي طرفن کان ڪو به غلط اندازو خطي کي تباهي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو، حيران آهيان ته 80 لک انسانن ج?? قيد ٿيڻ تي دنيا ڪيئن خاموش آهي، منهنجو سدائين موقف رهيو آهي ته جنگ افغان مسئلي جو حل نه آهي، افغان حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪري ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ترڪ صدر پاران ج??رل اسيمبلي ۾ ڪشمير مسئلو اٿارڻ تي ان ج?? ٿورائتو آهيان. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 74 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن ج?? هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا