اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير پروفيسر احسن ??قب??ل چيو آهي ته پرويز مشرف جي وطن واپسي جي خاطري تي حڪومتي ادارن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، 600 اي سي ا??ل ڪيسز ڪابينا جي منظوري لاءِ موڪليا ويا آهن، ڪالهه جمعي ڏينهن گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گهرو وزير احسن ??قب??ل صحا??ين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرويز مشرف نه آيو ته خصوصي عدالت جي فيصلي تي عملد??آم?? شروع ٿي ويندو، هن چيو ته نواز شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ا??ل ۾ وجهڻ جو ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي 2016ع جي فيصلي جي روشني ۾ اي سي ا??ل جي سمورن ڪيسن جي ڪابينا کان منظوري لازمي آهي، هن چيو ته چوڌري نثار جي دور ۾ طريقيڪار ۾ تبديلي ٿيڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي ۽ پراڻو طريقيڪار جاري رهيو، گهرو وزير چيو ته چوڌري نثار جي دور جي سمورن ۽ تازن اي سي ا??ل جي ڪيسن ۾ منظوري ڪابينا کان ڪرائي ويندي، هن چيو ته گهرو وزارت جا فيصلا ڪٿي ٻي جاءِ تي نٿا ٿين پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
پرويز مشرف وطن واپسي جي خاطري ڪرائي آهي: گهرو وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná