اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا سميت عالمي تڪرارن جي حل جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گذريل مهيني دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي ??يام ۽ تڪرارن جي خاتمي جي حوالي سان طئي ??يل گڏيل قومن جا معاهدا پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل فيصلا ڪافي ناهن ۽ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جاري تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ بحث دوران چيو ته جاري اهم تڪرار جنهن تي غزه ۾ اسرائيل طرفان جاري فلسطينين جي ??سل ڪشي ۽ وچ اوڀر، آفريقا يا ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرار ڪنهن به معاهدي ذريعي اثرائتي طريقي سان حل نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي نمائندي معاهدي ۽ ان جي 2 ضميمن، گلوبل ڊيجيٽل ??مپيڪٽ ۽ مستقبل جي ??سلن جي ??ڌرائي تي پنهنجي خيالن، اميدن، مايوسين ۽ تحفظن جو اظهار ڪيو، جنهن جي ??نظوري 22 سيپٽمبر تي پيڪٽ فار دي فيوچر اجلاس ۾ ڏني وئي ??ئي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ان معاهدي ۾ هٿيارن جي ??راهمي تي ڪنٽرول يا عالمي سطح تي هٿيارن جي حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ کي روڪڻ جي ??دمن جا تفصيل به شامل ناهن. هن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي ??اڳاپيل ادارن سلامتي ڪائونسل، هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ بابت ڪانفرنس، ۾ هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ واري ڪميشن ۽ خاص طور تي جنرل اسيمبلي کي مسئلن کي حل ڪرڻ قدم کڻڻ گهرجن. منير اڪرم آفريقا ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن خلاف تاريخي نا انصافين جي ازالي جو مطالبو ڪندي چيو ته امن کي هٿي ڏيڻ يا تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ نا??امي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڍانچي تي الزام نه لڳائڻ گهرجن. هن چيو ته اها نا??امي ڪجهه وڏين ۽ ڪجهه ننڍين طاقتن جي اسٽريٽجڪ عزمن ۽ پاليسين سبب آهي. پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ پاڪستاني نمائندي 16 رڪني هم خيال گروپ طرفان معاهدي سبب پيدا ٿيل مسئلن تي ڳالهه ڪئي، جنهن جو مقصد گڏيل قومن کي مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن هتي ماڻهن لاءِ بهتر مستقبل فراهم ڪري. پاڪستان کانسوءِ گروپ جي ??ين ميمبرن ۾ الج??ائ??، بوليويا، چين، ڪيوبا، مصر، ايران، عراق، لبيا، نڪاراگوا، روس، سريلنڪا، شام، وينز ويلا ۽ زمبابوي شامل آهن.
گڏيل قومن جا معاهدا پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل فيصلا تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪافي ناهن: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria