گڏيل قومون – 02 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس ڊجيٽلائيزيشن کي ڪنهن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي جو بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀ??رت گذريل پنجن کان ڇهن سالن دوران تيز رفت??ر انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سمارٽ فونز جي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ب??هر ڪڍيو آهي. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن (ايف اي او) جي اهتمام هيٺ موجوده ۽ ايندڙ نسل لاءِ بک جي خاتمي ڏانهن تيز رفت??ر اڳڀرائي واري عنوان تي پن??نج?? خطاب ۾ هن چيو ته ڀ??رت جي ڳوٺاڻن علائقن جي ماڻهن جن کي پهرين بينڪنگ يا ادائيگي جي نظام تائين پهچ حاصل نه هئي، اهي هاڻي رڳو سمارٽ فون استعمال ڪري بلن جي ادائيگي جي قابل ٿي ويا آهن ۽ ان کان علاوه اهي آرڊرز جي لاءِ به ادائيگي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ڪنهن به ملڪ جي تيز رفتار ترقي کي بنياد فراهم ڪري ٿي. ڀارت ۾ تيز رفت??ر انٽرنيٽ جي فراهمي جو عام شهرين کي سمارٽ فون بوم ۽ بينڪنگ خدمتن تائين آسان پهچ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي
ڀارت تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سمارٽ فونز جي استعمال کي هٿي ڏئي 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس