پيرس -20 نومبر (اي پي پي) فرانس پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڊگ??ي مفاصلي تي هدف کي نشانو بڻائيندڙ ايم51.3 بيلسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق فرانس جي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ميزائيل ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت نٿو رکي، اهو ميزائيل ??کڻ اولهه کان فرانس جي فوج کي بسڪا روسي ميزائيل ٽيسٽنگ سائٽ تان فائر ڪيو ??يو هو ۽ ڪنهن به سامونڊي پٽي کان ڪيترائي ڪلوميٽر ڏور اتر اوقيانوس سمنڊ ۾ ڪريو. دفاع واري وزارت چيو ته ان تجربي سان ميزائيل ۾ هڪ وڏي بهتري جي تصديق ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ڏهاڪن ۾ فرانس جي سامونڊي دفاع جي ديرپا صلاحيت ۾ حصو وجهندي. دفاع واري وزارت چيو آهي، ته عالمي حالتن کي نظر ۾ رکندي فرانس جي ايٽمي هٿيارن جي آپري??نل ساک کي برقرار رکڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر