گڏيل قومون – 23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ??بص?? رياض منصور والاريل اولهندي ڪناري ??ي شهر نابلس ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خ??اف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سعودي خابرو اداري موجب هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي برادري ۽ سيڪريٽري ??نرل کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪائونس?? جي قراردادن ۽ سيڪريٽري ??نر?? جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪندي فلسطيني شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. گڏيل قومن ۾ فلسطيني مشن ايندڙ ڏينهن ۾ هنگامي اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سلامتي ڪائونس?? جي ميمبرن سان ڳالهيون ڪندو. فلسطين ۾ گذريل ڏينهن اولهندي ڪناري ??ي شهر نابلس تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 10 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي سيڪريٽري ??سين الشيخ نابلس ۾ اسرائيلي حملي کي قتل عام قرار ڏيندي عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي.
سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري فلسطيني عوام کي اسرائيلي ظلمن خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فلسطيني مبصر رياض منصور
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔