اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني ح??ن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان صنفي مساوات بابت آسٽريلوي سفير ڪوپس ڪيمبل ڪالهه هتي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني صنفي مساوات ۽ عورتن جي اختيارن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني ح??ن واري وزارت مان جاري بيان موجب ڳالهين ۾ قانونسازي جي فريم ورڪ، حڪومتي ۽ نجي شعبن ۾ عورتن جي اڳواڻيءَ واري ڪردار ۾ واڌ ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت پاليسي سڌارن، صلاحيتن جي تعمير جي قدمن ۽ عورتن ل??ءِ هڪ جامع سماجي ۽ اقتصادي ماحول جي قيام جي عزم تي زور ڀريو. هن ”پرائيم منسٽر وومن ??يمپاورمينٽ پيڪيج 2024ع“ تي روشني وڌي جيڪا ڪم ڪندڙ عورتن ل??ءِ پيشوراڻي تربيت، قائداڻين صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ، مائڪرو فنانس اسڪيمن ۽ عورتن ل??ءِ چُرپُر ۽ معاشي خودمختياري وڌائڻ لاءِ ”وومن ??ن وهيلز“ جهڙن منصوبن تي ٻَڌل آهي. وفاقي وزير صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي ۽ مقا??ي تنظيمن ??ان جاري حصيدارين کي به اجاگر ڪيو جنهن ۾ صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي به شامل آهي. ان حڪمت عمليءَ جو مقصد خطرناڪ صنفي روين کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور شامل ڪرڻ آهي. هن عورتن جي اختيارن جي رستي ۾ ثقافتي رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو. اسٽيفني ڪوپس ڪيمبل ان ڪوششن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشرتي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن ??ي ضرورت آهي ته جيئن عورتن جي اڳواڻن ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ برابري واري شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن صنفي حساس پاليسين کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارن منصوبن ل??ءِ آسٽريليا جي تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌُرين هڪ جامع ۽ مساوي معاشري جي تعمير لاءِ مسلسل سهڪار ۽ عالمي اتحاد جي اهيمت تي زور ڀريو.
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان صنفي مساوات بابت آسٽريلوي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena